صاحب راءِ آزاد

صاحب راءِ آزاد: منشي صاحب راءِ آزاد، ٽالپر حڪومت دور جو بي مثال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو ڪن موهنداس لکيو آهي. جڏهن ته نامور محقق ڀيرومل مهرچند جي تحقيق موجب منشي صاحب راءِ، موهنداس جو نه بلڪه ديوان نئين سنگهه جو پٽ هو. صاحب راءِ ‘آزاد ’ مير ڪرم علي (وفات 1244هه/ 1827ع) ۽ مير مراد علي جي زماني ۾ ٽالپر حڪومت جو مالي وزير هو. منشي صاحب راءِ آزاد، مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ نه فقط مالي وزير هو، بلڪه مير صاحب جو صاحبِ خاص ۽ سندس ديوان انشا جو ناظم به هو. صاحب راءِ فارسيءَ جو جيد عالم ۽ پنهنجي دؤر جو قادرالڪلام شاعر هو. معاصر شاعرن سان سندس خاص دوستي هوندي هئي، مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير غلام علي ‘مائل’، صابر علي شاهه ‘صابر’، ولي محمد خان ولي وغيره سندس خاص دوست هوندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي تتبع تي شعر چوندا هئا. ‘محڪ خسرويءَ’ ۾ انهن جا هم طرح غزل شامل ڪيل آهن. منشي صاحب راءِ پـُرگو شاعر هو. سندن ديوان به مرتب ٿيو هو. هن جا ڪجهه غزل ‘مجموعه دلڪشا’، ‘زبدة المعاصرين’ ۽ ‘محڪ خسرويءَ’ ۾ پڻ شامل آهن. منشي صاحب راءِ ‘آزاد ’ جي عمر 65 سال هئي. سيد حسام الدين ڄاڻايو آهي ته سندس جنم 1175هه/1761ع ڌاري ٿيو هوندو ۽ 1240هه/1824ع تائين 65 ورهين جي عمر ۾ طبعي موت ٿيو هوندو.


لفظ صاحب راءِ آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو